ڇتل سرهيو

ڇتل سرهيو

ڇتل سرهيو

ڇتل سرهيو: ناميارو استاد ۽ ڊراما هدايتڪار محمد ڇتل ولد خالقڏنو سُرهيو، 7 جنوري 1916ع تي موري شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا سڳيون ۽ اڳٺ ٺاهڻ واري هنر سان وابسته هئا. ابتدائي تعليم هن پرائمري اسڪول موري مان نامياري استاد سيد جعفر علي شاهه وٽان حاصل ڪئي. 1932ع ۾ فائنل جو امتحان نوشهري فيروز سينٽر مان پاس ڪيائين. 1933ع ۾ تعلقي سنجهوري ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو، بعد ۾ شاهپورجهانيان، هبيري، گچيري ۽ مين اسڪول موري ۾ استاد رهيو، جتان بالغن جي تعليم ۾ لٽريسي سپروائيزر ٿيو. بعد ۾ پرائمري مين اسڪول موري جو پندرهن سالن تائين هيڊ ماستر رهيو. هن مـڊل اسڪول اسڪالر شپ امتحان ۾ سوين شاگردن کي وظيفا ڏياري کين وڌيڪ پڙهڻ لاءِ اتساهيو. استاد محمد ڇتل تمام سٺو منتظم، اصول پرست، محنتي، جفاڪش ۽ هوشيار استاد هو. هن ماستري ٽريننگ جا ٻه سال ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيا. هو پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ فرض شناس استاد طور پڙهائيءَ سان گڏ اسڪول جا ترقياتي ڪم ڪرائيندو هو ۽ شاگردن جي ذهني نشوونما ۽ صلاحيتن کي نکارڻ لاءِ منجهن تقريرن جا مقابلا ڪرائيندو، کين ثقافتي سرگرمين ۾ شامل ڪندو ۽ ڊرامن ۾ حصو وٺرائيندو هو. استاد محمد ڇتل، مين پرائمري اسڪول موري ۾ وڏي تعداد ۾ ڊراما به پيش ڪيا، جن ۾: حاتم طائي، دودي سومري جو موت (شيخ اياز جو سنگيت ناٽڪ) مشهور آهن. هن ڊرامي ۾ ٻئي هڪ قابل استاد جي اڳواڻيءَ ۽ ميان محمد ڇتل جي رهبريءَ ۾، ابتدا ۾ شيخ اياز جي مشهور وائي ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘ تي ٽيبلو پيش ڪيو ويو هو، جيڪو ايترو ته مقبول ٿيو، جو ڪيترين اسٽيجن تي پرفارم ڪيو ويو. ڊرامن ۽ ڪٻڊي راند جي مقابلن مان کيس جيڪو پئسو حاصل ٿيندو هو. اهو اسڪول جي ترقياتي ڪمن، تعليم ۽ باغبانيءَ ۾ صرف ڪندو هو. سندس وقت ۾ مين اسڪول موري تمام گهڻي مشهوري ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي. سندس محنت سان هن اسڪول جا ڪافي شاگرد فن جي دنيا ۾ مشهور ٿيا، جن مان انور سولنگي مشهور ٽي وي فنڪار به هڪ هو ۽ ٻيا ڪافي شاگرد وڏن عهدن تي پهتا. هو مهمان نواز به حد درجي جو هو. هٿ جو سخي هو. تعليم کاتي سنڌ جا وڏا آفيسر سندس قدر ڪندا هئا. هي ’اوپن آرٽ سرڪل‘ جو سرپرست به رهيو. هن ئي اداري مان ڪافي سٺا فنڪار، اداڪار، مضمون نگار، ڊراما نويس، ريڊيي ۽ ٽي ويءَ جا اهل فنڪار پيدا ٿيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.01.07  عيسوي

ناميارو استاد ۽ ڊراما هدايتڪار محمد ڇتل ولد خالقڏنو سُرهيو، 7 جنوري 1916ع تي موري شهر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام نظام الدين سمو
حافظ ابراهيم
پاراشر
عبدالستار ڀٽي
آگھمي ابو طالب
خروشچيف
ڏاهر راجا
بابا نيڀراڄ
ربنواز ٽانوري
ريني ڊيڪارٽ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون